Friday, August 28, 2009

غريب عورتن کي مفت زمين ته ملي، پر تحفظ ڪير ڏيندو؟


آئون ياسمين ڪلهوڙو زال مرحوم اسماعيل ڪلهوڙو ويٺل ڳوٺ حاجي شير خان ڪلهوڙو ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو جي رهواسڻ آهيان. آئون بي سهارا يتيم آهيان ۽ 7 ٻارن جي ماءُ آهيان ۽ اهي پڻ يتيم آهن. جڏهن موجوده پ پ سنڌ سرڪار ملڪ جي بي سهارا عورتن ۾ مفت زمينون ورهايون ته مون کي به مستحق سمجهندي ”ٿرديپ پروگرام ۾ سروي نمبر 27 ديهه کارڙو ۾ 4 ايڪڙ 6 گهنٽا زمين ڏني وئي، پر مون کي خبر نه هئي ته اها زمين منهنجي لاءِ خوشحالي بدران سورن جا پهاڙ کڻي ايندي. منهنجي ڳوٺ جي هڪ قبضه گروپ جون انهيءَ زمين ۾ پهريائين کان اکيون کتل هيون، جيڪي هٿياربند ٿي منهنجي گهر ۾ گهڙي آيا، جن وٽ هڪ دستاويز پڻ هو ۽ چوڻ لڳا ته هن تي صحيح ڪر، نه ڪرڻ جي صورت ۾ موت قبول ڪر، منهنجي اٽل انڪار کي ڏسي مارڪٽ ڪيائون ۽ 7 ڏينهن قيد ۾ رکيائون، جنهن دوران هو ڌمڪائيندا رهيا. اهي ماڻهو ڏوهاري دهشتگرد قسم جا آهن، جن پهريان منهنجي ماءُ ڪنيز کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو ۽ منهنجي پيءُ جي ڇڏيل ملڪيت، جڳهيون ۽ دڪانن تي قابض ٿي ويٺا آهن، جن سان مون جهڙي بي سهارا لاچار عورت جو مقابلو ڪرڻ ممڪن نه هو، انهيءَ ڪري پنهنجن ٻن معصوم نياڻين کي ساڻ ڪري رات جي اونداهي ۾ گهران نڪري ڪراچي ۾ پنهنجي عزيزن وٽ اچي پناهه ورتي اٿم ۽ هن وقت وس وارن جا در کڙڪائي انصاف جي اپيل ڪري رهي آهيان ته مون سان ٿيل زيادتي جي سنڌ سرڪار مڪمل انڪوائري ڪرائي. آئون پنهنجا 5 ٻار ڳوٺ ۾ ڇڏي آئي آهيان، انهن کي ۽ مون کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ زمين واپس ڏياري وڃي.

ياسمين ڪلهوڙو/ڳوٺ حاجي شير خان ڪلهوڙو (ڦلجي اسٽيشن)


انصاف کپي

!


آئون نالي شميم زال طارق علي ملڪ جي اعليٰ عدالت آڏو هي درخواست ٿي ڪريان ته ڪجهه عرصو اڳ قتل ٿيل منهنجي مڙس طارق جا قاتل اڃا تائين آزاد گهمن پيا ۽ مون کي ڌمڪيون به ڏين پيا ته هو مون کي به ماري ڇڏيندا. منهنجي مڙس کي فوت ٿئي ٻه مهينا ٿي ويا آهن، پر مونسان اڃا ڪو به انصاف نه ٿيو آهي، جنهن ڪري سخت مايوسي ۽ بيوسي واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور آهيان. ٻه مهينا ٿي ويا آهن، قاتل سوگھا نه ٿي سگھيا آهن. ان لاءِ آئون چيف جسٽس آف پاڪستان کي درخواست ٿي ڪريان ته مون کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ مون سان انصاف ڪيو وڃي.

شميم لاشاري/ڳوٺ روح الله لاشاري(جهڏو
)

Sunday, August 23, 2009

چیف جسٹس دادرسی کریں

چیف جسٹس دادرسی کریں

مکرمی! میری مرحومہ بہن نذیراں بی بی زوجہ محمد لطیف نے 31 مارچ 1989ء کو 10 مرلہ کا مکان گلی نمبر 27 مین بازار مصطفی آباد (دھرم پورہ) لاہور میں رانا اصغر سے خریدا۔ اس مکان کی اصل رجسٹری ہمارے پاس ہے۔ 1998ء میں قبضہ گروپ نے ایک نائب تحصیلدار سے ملکر اسکی جعلی رجسٹریاں بنوا کر مکان پر قبضہ کر لیا۔ 
میری بہن نذیراں بی بی انصاف کیلئے ایڑیاں رگڑتی رگڑتی وفات پا گئی اور اسکی ایک یتیم مسکین بیٹی رخسانہ بی بی ہے جس کی نہ کوئی بہن ہے نہ بھائی۔ وہ اپنے مرحوم ماموں کے گھر پناہ لئے ہوئے ہے اور بچوں کو ٹیوشن پڑھا کر بمشکل گزر اوقات کرتی ہے یہ مکان میرے اور نذیراں بی بی کے نام پر ہے۔ میرا کوئی بھائی نہیں ہے جبکہ تین جوان بیٹیاں ہیں۔ 
قبضہ گروپ نے سٹی ڈسٹرکٹ گورنمنٹ ٹائون ہال میں کلرک کو ڈیڑھ لاکھ دے کر پاکستان ہندوستان بننے سے پہلے کا نقشہ بھی تبدیل کروا دیا ہے میں اور میری بہن مرحومہ نذیراں بی بی کی بیٹی رخسانہ ٹائون ہال مال روڈ لاہور گئیں تو کلرک نے کہا میں نے ان سے ڈیڑھ لاکھ لیا ہے‘ آپ صرف دعائوں سے نقشہ مانگتی ہیں‘ چلو بھاگو جائو میں 1932ء ہندو پراپرٹی کا نقشہ جلا دوں گا مگر آپ کو نہیں دوں گا۔ عدالت عالیہ اور حکام سے استدعا ہے کہ میری مرحومہ بہن کا حق اس کے جائز وارثوں کو دلایا جائے۔ (جمیلہ بی بی مصطفی آباد دھرم پورہ لاہور۔ فون نمبر 0300-4412868)

Tuesday, August 18, 2009

Karachi - Target Killing


قربان ڏاهاڻيءَ جي وارثن سان انصاف ڪير ڪندو؟

هن وقت ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي. اهڙو ئي هڪ واقعو ڪراچي ۾ ڪنڌڪوٽ جي رهواسي مزدور قربان علي ڏاهاڻي سان 09-7-7 تي پيش آيو. ڪجهه هٿياربند فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ 22 سالن جي نوجوان قربان ڏاهاڻيءَ کي لساني بنياد تي گوليون هڻي کيس بيدريءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. قربان جي قتل جي خبر جڏهن انهيءَ جي پوڙهي پيءُ ماءُ ۽ سندس ونواهه ۾ ويٺل ڪنواري کي پئي ته اهي ٽيئي بيهوش ٿي ويا، ڇو ته ايندڙ هفتي قربان جي شادي رٿيل هئي. خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. وارثن ڪنڌڪوٽ باءِ پاس وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، اڄ تائين ساڻس انصاف ناهي ٿيو. اسان صدر پاڪستان، وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته شهيد قربان ڏاهاڻي جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر خليق الزمان ڏاهاڻي/ڪنڌڪوٽ

CORRUPTION - Patwari of S.A Rehman Bazar

CORRUPTION - Patwari of S.A Rehman Bazar

Hamari khandani jaidad hai lakin patwari nay kuch logoon say mil kar hamari jaidad per qabza kar liya hai shahab din kay khatay mai plz hamari koi madad ki jay hum buhat muflsi ki zindagi guzar rahey hain.

Thanx

HYDERABAD - HESCO - CORRUPION - SDO Sarfaraz Sub Division

HYDERABAD - HESCO - CORRUPION

SDO Sarfaraz Sub Division



Sub Divion Sarafaraz colony Hyderabad unfortunately has the history of very Corrupt officials over the years. The customers who pay the bills and having A/C installed without deal with Hesco Officials are regulary sent the heavy bills in excess of the actual meter reading. This practice is being done to adjust those who have some monthly deals with SDO and the lower staff.

Khushab - Punjab - CORRUPTION IN WORLD FOOD PROGRAM RELIEF GOODS

Khushab - Punjab - CORRUPTION IN

WORLD FOOD PROGRAM RELIEF GOODS


Sir,I would like to inform you that the “WORLD FOOD PROGRAM” is functioning in our district for last 20 years but the distribution of its commodities is totally bogus because this above said person received the Oil from the concerned department WFP and sold it in few rupees. So the distribution is made totally bogus and sir may be Govt. were supplied the Oil in this district Khushab near about 30 Million but he sold in some lacs. So I request you, Honorable Sir that the matter may please be checked and the above said person may please be dismissed from Govt. Job and recover the all money from him for last many years.AND THE LAST REQUEST THAT PLEASE DEPUTE THE SPECIAL CHECKING TEAM FROM your department.

Yours Sincerely
Muhammad Saleem Awan
INHABITANT OF KHUSHAB