Friday, August 28, 2009

غريب عورتن کي مفت زمين ته ملي، پر تحفظ ڪير ڏيندو؟


آئون ياسمين ڪلهوڙو زال مرحوم اسماعيل ڪلهوڙو ويٺل ڳوٺ حاجي شير خان ڪلهوڙو ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو جي رهواسڻ آهيان. آئون بي سهارا يتيم آهيان ۽ 7 ٻارن جي ماءُ آهيان ۽ اهي پڻ يتيم آهن. جڏهن موجوده پ پ سنڌ سرڪار ملڪ جي بي سهارا عورتن ۾ مفت زمينون ورهايون ته مون کي به مستحق سمجهندي ”ٿرديپ پروگرام ۾ سروي نمبر 27 ديهه کارڙو ۾ 4 ايڪڙ 6 گهنٽا زمين ڏني وئي، پر مون کي خبر نه هئي ته اها زمين منهنجي لاءِ خوشحالي بدران سورن جا پهاڙ کڻي ايندي. منهنجي ڳوٺ جي هڪ قبضه گروپ جون انهيءَ زمين ۾ پهريائين کان اکيون کتل هيون، جيڪي هٿياربند ٿي منهنجي گهر ۾ گهڙي آيا، جن وٽ هڪ دستاويز پڻ هو ۽ چوڻ لڳا ته هن تي صحيح ڪر، نه ڪرڻ جي صورت ۾ موت قبول ڪر، منهنجي اٽل انڪار کي ڏسي مارڪٽ ڪيائون ۽ 7 ڏينهن قيد ۾ رکيائون، جنهن دوران هو ڌمڪائيندا رهيا. اهي ماڻهو ڏوهاري دهشتگرد قسم جا آهن، جن پهريان منهنجي ماءُ ڪنيز کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو ۽ منهنجي پيءُ جي ڇڏيل ملڪيت، جڳهيون ۽ دڪانن تي قابض ٿي ويٺا آهن، جن سان مون جهڙي بي سهارا لاچار عورت جو مقابلو ڪرڻ ممڪن نه هو، انهيءَ ڪري پنهنجن ٻن معصوم نياڻين کي ساڻ ڪري رات جي اونداهي ۾ گهران نڪري ڪراچي ۾ پنهنجي عزيزن وٽ اچي پناهه ورتي اٿم ۽ هن وقت وس وارن جا در کڙڪائي انصاف جي اپيل ڪري رهي آهيان ته مون سان ٿيل زيادتي جي سنڌ سرڪار مڪمل انڪوائري ڪرائي. آئون پنهنجا 5 ٻار ڳوٺ ۾ ڇڏي آئي آهيان، انهن کي ۽ مون کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ زمين واپس ڏياري وڃي.

ياسمين ڪلهوڙو/ڳوٺ حاجي شير خان ڪلهوڙو (ڦلجي اسٽيشن)


No comments:

Post a Comment